صادق علي ڪلهوڙو

صادق علي ڪلهوڙو: ڪلهوڙن جي آخري دور حڪومت ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ميان صادق علي ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم ٿيو هو. جڏهن 1194هه/ 1780ع ۾ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر کي ميان عبدالنبي شهيد ڪرايو. ان وقت سنڌ ۾ افراتفري پکڙجي وئي. اها خبر جڏهن مير عبدالله بن مير بجار کي پئي ته هن هڪدم صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي وقت جو انتظار ڪيو، هوڏانهن ميان عبدالنبي ڏاڍو پريشان هو ڇو ته سڀئي کيس ئي مير بجار خان جي قتل جو ڏوهاري ڄاڻي رهيا هئا. جڏهن ميان عبدالنبيءَ کي اها خبر پئي ته مير عبدالله خان، مير فتح خان ۽ مير سهراب خان ساڻس ملڻ لاءِ اچي رهيا آهن تڏهن سندس دل تي اهڙي هيبت طاري ٿي جو راتو رات اهل و عيال کي ساڻ ڪري وٺي ڀڳو.تڙ تڪڙ ۾ جيترو به مال ملڪيت ميڙي سگهيو اٺن تي کڻي قلات ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ پٽن کي ٻئي رستي کان جوڌپور موڪليائين. مير عبدالله خان لاءِ هاڻي انهي کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو ته هو ڪلهوڙن جي خاندان مان ڪنهن ٻئي کي حڪومت جي تخت تي وهاري. اميرن ۽ وزيرن سان صلاح مشوري کان پوءِ هن ميان صادق علي عباسي ڪلهوڙي کي سنڌ جو حاڪم بنايو. ميان صادق علي عباسيءَ کي تمام نيڪ، صالح ۽ خدا پرست مڃيو ويندو هو. مير عبدالله ٽالپر هن کي سندس نيڪ سيرت سبب مسند نشينيءَ لاءِ چونڊيو ۽ پاڻ ملڪي انتظامن جي درستگيءَ ۾ مشغول ٿي ويو. مير عبدالله خان ٽالپر ميان عبدالنبيءَ جي گهڻي ڳولا ڪئي، پر هو ملي نه سگهيو. انهيءَ وچ ۾ خبرون اچڻ لڳيون ته هڪ طرف جوڌپور جو مهاراجا بجي سنگهه سنڌ تي ڪاهه لاءِ سنڌ جي اوڀارين سرحد ڏانهن وڌندو پيو اچي ۽ ٻئي طرف ميان عبدالنبي، بروهين جي فوج وٺي چڙهائي ڪري ڏني آهي. انهيءَ مشڪل وقت ۾ ميان صادق علي جي سربراهيءَ ۾ مير عبدالله خان اميرن ۽ وزيرن سان صلاح کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته پهريائين جوڌپور وارن سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. مير عبدالله خان سنڌين جي فوج پاڻ سان وٺي جوڌپور جي لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. ميان صادق علي خان به ساڻس گڏ هو. ميان صادق علي ڪلهوڙي جي لشڪر سان ريگستان ۾ هڪ ڀٽ تي راٺوڙن جي سؤ سردارن ۽ بجي سنگهه جي پٽ مقابلو ڪيو.مير عبدالله فوج کي چئن حصن ۾ ورهايو. ‘قلب’ (وچ) ۾ پاڻ ٿي بيٺو، جتي صادق علي خان عباسي به ساڻس گڏ هو. ‘ميمنه’ ۽ ‘ميسره’ تي مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان ٽالپر کي مقرر ڪيائين ۽ مير فتح خان، مير مرزو خان فقير ۽ مير باگي خان کي سڀني کان اڳيان بيهاريائين. ٽالپرن جو لشڪر گهڻو ڪري نظاماڻين، جمالين ۽ لغارين تي مشتمل هو. مير فتح علي خان ‘ميمنه’ جي طرف کان اهڙو ته زبردست حملو ڪيو، جو مخالف ڌر جا ڪجهه فوجي ڀڄي نڪتا ۽ ڪجهه سپاهي مارجي ويا. هن جنگ ۾ ٽالپرن جي لشڪر کي وڏو مال هٿ آيو. اها ميان صادق علي خان جي دور ۾ پهرين جنگ هئي، جنهن ۾ کيس فتح حاصل ٿي.جوڌپورين کان جنگ کٽڻ کان پوءِ، ميان صادق علي اڃا مس سڪون جو ساهه کنيو ته، هڪدم خبر آئي ته ميان عبدالنبي بروهين جي فوج وٺي لاڙڪاڻي پهچي چڪو آهي ۽ ان سان گڏ محراب جتوئي، ڌڱاڻو جتوئي، جهنجڻ، کوسا، نوهڙيا ۽ ٻيا قبيلا پڻ شامل ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي مير عبدالله خان سنڌ جي حاڪم ميان صادق علي خان کي صلاح ڏني ته بنا ساهيءَ کڻڻ جي لاڙڪاڻي ڏانهن رخ ڪيو وڃي. اها صلاح ٻڌي ميان صادق علي ۽ ٻين اميرن ۽ وزيرن هڪدم تياري ڪئي. ميان صادق علي خان لشڪر سميت جڏهن چالڪ جي پل تي پهتو ته دشمن به اچي سامهون ٿيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ زبردست جنگ لڳي. ميان صادق علي هاٿيءَ تي سوار هو، جنگ ۾ مير فتح خان زخمي هجڻ سبب پٺتي هٽي ويو پر مير عبدالله خان ٽالپر، مير فتح علي خان ٽالپر ۽ مير سهراب خان ٽالپر گهوڙن تان لهي وڏي دليريءَ سان وڙهڻ لڳا. مخالف ڌر جا مير زرڪ بروهي، محراب جتوئي، آڍو خان جتوئي ۽ ٻيا ڪيترائي سردار مارجي ويا ۽ جنگ ميان صادق علي خان ڪلهوڙي کٽي، انهي جنگ کي ‘چالڪ جي پل’ واري لڙائي سڏيو وڃي ٿو. ميان صادق علي خان عباسي جي فتح کان پوءِ ميان عبدالنبي جنگ جي ميدان مان شڪست کائي ڀڄي وڃي قلات ۾ ساهه پٽيو. ميان صادق علي خان جنگ کان پوءِ اڃان مس ملڪ جي حالت بهتر بنائڻ تي توجهه ڏيڻ شروع ڪيو هو ته، ميان عبدالنبي افغانستان جي درٻار مان هڪ ظالم ۽ وحشي درندي مدد خان پٺاڻ کي تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ سنڌ ۾ وٺي آيو. مدد خان پٺان سنڌ ۾ نه رڳو ڦرلٽ ڪئي، پر ڪيترائي خاندان هن جي ظلم جو نشانو بنيا.جڏهن مدد خان سنڌ مان ڦرلٽ ڪري واپس هليو ويو ته ميان عبدالنبي بي يارو مددگار رهجي ويو. هن هڪ طرف نواب بهاول خان (بهالپور جي رياست جو والي) کي عرض ڪيو ۽ ٻئي طرف مير باگي خان ٽالپر کي ته مير عبدالله خان سان صلح ڪرايو وڃي. ميان عبدالنبي قرآن مجيد تي صلح نامو لکي مير عبدالله خان ڏانهن موڪليو ۽ مير عبدالله خان، قرآن مجيد وٺي هڪدم چمي کڻي مٿي تي رکيو ۽ صلح کان پوءِ ميان صادق علي خان عباسي حڪومت تان دستبردا ٿي ويو ۽ ميان عبدالنبي وري 1196هه/ 1782ع تي تخت نشين ٿيو. ميان صادق علي خان ڪلهوڙي 1194هه/1780ع کان 1196هه/ 1782ع تائين لڳ ڀڳ اڍائي سال حڪومت ڪئي. انهي عرصي ۾ ميان صادق علي ٻه جنگيون به وڙهيون جن ۾ فتح حاصل ڪيائين ۽ مدد خان پٺاڻ به سندس ئي دور ۾ سنڌ کي پنهنجي ظلم جو نشانو بنايو.(حوالا: 1. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، 2. تازه نوائي معارڪ)


لفظ صادق علي ڪلهوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو